سينيٽر طاهر بزنجو ۽ مشتاق احمد چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  سينيٽر طاهر بزنجو ۽ سينيٽر مشتاق احمد چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بلوچستان ۾ چونڊي چونڊي حقيقي عوامي نمائندن کي شڪست ڏني وئي، صوبي جي ٻن وڏين پارٽين جي آشيرواد سان ڊرگ لارڊ ۽ لينڊ گريبرز کي اسيمبلي تائين پهچايو ويو

هن سوال اٿاريو ته ڇا عدليه کي حق هو ته هو پي ٽي آءِ کان نشان ڦري؟ ڇا اهڙي ڌانڌلي واري چونڊ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ استحڪام ايندو؟  

طاهر بزنجو مطالبو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمسنر کي گرفتار ڪري آئين جي ڀڃڪڙي جو ڪيس هلايو ويندو. هن چيو ته گم ٿي ويل ماڻهن جي مسئلي کي التوا ۾ وجهڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد به چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو. چيف اليڪشن ڪمشنر شفاف چونڊن ۾ ناڪامي تي استعيفيٰ ڏئي. اهي ڪوڙيون چونڊون هيون جنهن سان جعلي حڪومت بڻجندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن غداري  ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن عوام کان معافي گهري، چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ڪيس هلڻ گهرجي.

سينيٽر مشتاق احمد وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئٽر 3 ڏينهن کان بند آهي. دال ۾ ڪجهه ڪارو نه آهي پر سموري دال ڪاري آهي. ٽوئٽر تي پابندي سان تعليمي ۽ معاشي نقصان ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔