اداڪارا ڪويتا چوڌري دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي: ڀارتي ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ڪويتا چوڌري دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.ڀارتي ميڊيا ”انڊيا ٽو“ جي رپورٽ موجب 54 سالن جي ڪويتا چوڌري پڻ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ ان جو علاج هلندڙ هو.ميڊيا رپورٽن موجب ڪويتا کي ڪينسر جي علاج دوران دل جو دورو پيو ۽ هو فوت ٿي وئي.مشهور ۽ سينيئر اداڪارا ڪويتا چوڌري جي اوچتو لاڏاڻي تي ڀارتي ٽي وي انڊسٽري سوڳ ۾ رهجي وئي آهي.ياد رهي ته اداڪارا مشهور ڀارتي ٽي وي ڊرامن ’اڊان‘ ۽ ’آءِ پي ايس ڊائري‘ مان شهرت حاصل ڪئي.ڪويتا چوڌري کي عورت پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪرڻ تي ڊرامي جي مداحن پاران تمام گهڻو ساراهيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔