نيوزيلينڊ جو ڪائل جيميسن ايندڙ سيزن تائين ڪرڪيٽ کان ٻاهر

ميلبرين: نيوزيلينڊ جو فاسٽ بالر ڪائل جيميسن هڪ ڀيرو ٻيهر پٺي جي فريڪچر جو شڪار ٿي ويو آهي.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته ڪائل جيميسن کي ايندڙ سيزن تائين ڪرڪيٽ کان ٻاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسڪين سبب سندس پٺي ۾ اسٽريس فريڪچر جو انڪشاف ٿيو آهي.اسڪين ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ کانپوءِ ڪيو ويو، هن گذريل سال به پوئتي جي سرجري ڪئي هئي.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪيل جيميسن جي سرجري نه ٿيندي، کيس آرام جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔