نگران حڪومت جو بجلي ڪمپنين ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي جو فيصلو

اسلام آباد: نگران حڪومت بجلي ڪمپنين ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پاور ڊويزن سمورين پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب پاور ڊويزن فيصلي تي عملدرآمد لاءِ بجلي جي ڊويزن ڪمپنين کي خط لکي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب بجلي ڪمپنين ۾ پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جي اجازت نه هوندي. پابندي جو فيصلو بجلي چوري خلاف مهم جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي.حڪومتي ذريعن موجب بجلي چوري خلاف مهم جي ڪاميابي ۽ تسلسل لاءِ بدلين ۽ مقررين تي پابندي ضروري آهي.ذريعن موجب حڪومت گذريل سال سيپٽمبر ۾ بجلي چوري خلاف مهم شروع ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔