پي ٽي آءِ پاران چونڊ نتيجن خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ، انتظاميه طرفان اجازت ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي چونڊ نتيجن خلاف اڄ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.

تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب سامهون احتجاج جي اجازت طلب ڪئي هئي جنهن کي ضلعي انتظاميه رد ڪري ڇڏيو آهي

انتظاميه پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ڪنهن به احتجاج يا ريلي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس جي ترجمان موجب پي ٽي آءِ طرفان احتجاج جي باري ۾ ڪابه درخواست نه ملي آهي، اسلام آباد ۾ ڪنهن به قسم جي ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه آهي.

پوليس ترجمان وڌيڪ چيو ته روڊ بند ڪرڻ ۽ غير قانوني اجتماع جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي پوليس جي وڏي نفري به طلب ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔