بشريٰ بي بي توشه خانه ۽ نڪاح ڪيسز جا فيصلا چيلينج ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي توشه خانه ۽ نڪاح ڪيسز جا فيصلا چيلينج ڪري ڇڏيا آهن.

بشريٰ بي بي توشه خانه ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ رياست ۽ نيب کي ڌر بنايو ويو آهي. هن احتساب عدالت جو 31 جنوري وارو آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته نيب تعصب تي جاچ ڪئي ۽ سياسي مخالفن جي هدايت تي بدنيتي تي ٻڌل ڪوڙو ۽ جعلي ريفرنس داخل ڪيو. فرد جرم به صحيح طريقي سان قانوني گهرجن موجب نه لڳايو ويو.

ياد رهي ته  احتساب عدالت  بشريٰ بي بي کي 14 سال بامشقت ۽ 787 ملين روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. هوڏانهن بشريٰ بي بي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ عدت دوران نڪاح ڪيس جو فيصلو به چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

بشريٰ بي بي سزا خلاف اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ سان رابطو ڪندي استدعا ڪئي ته نڪاح ڪيس  جو فيصلو غيرقانوني، غير اسلامي، غير شرعي ۽ انصاف جي ابتڙ آهي. ٽرائل ڪورٽ جو 3 فيبروري تي ٻڌايل سزا جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته عدالت بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جو حڪم ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔