آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سميت وڌيڪ 37 اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سميت وڌيڪ 37 اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

ملڪ ۾ عام چونڊن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نتيجا جاري ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ اڄ ڇنڇر جي ڏينهن اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري سميت قومي اسيمبلي جي وڌيڪ 37 سيٽن تي اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 190 تان 224 سمورن تڪن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي نوٽيفڪيشن جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته اين اي 226 ۽ 228 تي اميدوارن جا ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به اليڪشن ڪميشن طرفان مولانا فضل الرحمان سميت قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن تي اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا هئا. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ لاهور سميت قومي اسيمبلي جي 31 تڪن جي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا هئا. پر ڪراچي مان اين اي 238 جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو هو.

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شريف خاندان جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن سميت ليگي اميدوارن جي ڪاميابي جا پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔