سپريم ڪورٽ  ۾ عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ 8 فيبروري جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 19 فيبروري تي درخواست جي ٻڌڻي هلائيندي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي بينچ ۾ شامل آهن

علي خان نالي هڪ شهري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ سموري ملڪ ۾ ڪرايل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ نئين حڪومت ٺهڻ وارو عمل روڪڻ جي استدعا به ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدليه جي نگراني هيٺ 30 ڏينهن اندر نيون چونڊون ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ فراڊ جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي به استدعا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔