جي ڊي اي  جو چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڄامشورو حيدرآباد موٽروي تي وڏو پاور شو

ڪراچي: گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڄامشورو حيدرآباد موٽروي تي وڏو پاور شو جاري آهي، پير پاڳارو پهچي ويو آهي

حيدرآباد ۽ ڄامشورو وچ ۾ ايم نائين موٽر وي تي ڌرڻو لڳايو ويو، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان حُر ۽ اتحاد ۾ شامل جماعتن جا ڪارڪن موجود آهن

ڌرڻي واري هنڌ جلسي لاءِ سجايل پنڊال ۾ ماڻهن جي خلق اٿلي پئي، موٽر وي جي ٻنهي پاسن کان به ماڻهن جون قطارون لڳل آهن

ڌرڻي کي خطاب لاءِ حرن جو روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳارو ڄامشورو پهچي ويو، جماعت اسلامي به ڌرڻي ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو

جلسي کي جلال محمود شاهه، صفدر عباسي، راشد محمود سومرو، زين شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا اڳواڻ به خطاب ڪندا

پير پاڳارو ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب دوران سنڌ ۾ ٿيل چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ سميت ٻيا مطالبا پيش ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔