ملڪ ۾ اڄ به سون سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 13 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 12 هزار 4 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت 11 سئو 15 رپيا واڌ کانپوءِ 1 لک 82 هزار 99 رپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 12 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 25 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔