چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو حيدرآباد ڄامشورو قومي شاھراهه تي ڌرڻو

ڪوٽڙي:چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران حيدرآباد ڄامشورو قومي شاھراهه تي ڌرڻو هينو ويو آهي.

سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران مبينا ڌانڌلي خلاف سڄي سنڌ مان جي ڊي اي ڪارڪنن ۽ پير پاڳاري جي عقيدتمندن ۽ خليفن ۽ ٻين تنظيمن جا ڪارڪن ھزارن جي تعداد ۾ ڌرڻي واري ھنڌ پھتل آهن قافلن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي

ڌرڻي جي منتظمين سردار عبدالرحيم موجب قومي شاھراهه جي ٻنھين طرفن کان روڊ کي بند ڪيو ويندو، جڏهن ته ڌرڻي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ڪالهه شام کان ئي ڪارڪنن جو وڏو انگ ڌرڻي واري جاءِ تي پهچڻ شروع ٿي ويو هو، خاص ڪري پير پاڳاري ۽ خلفاءِ راشدين جا پيروڪار، وڏي انگ ۾ ڌرڻي واري هنڌ پھتل آھن.

ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پير پاڳاري جا ڪيترائي عقيدتمند ۽ خليفا به پير پاڳاري جي تصويرن سان گڏ پارٽي جا خاص جهنڊا کڻي پهچي ويا آهن، جڏهن ته جي ڊي اي ۾ شامل مختلف تنظيمن جا ڪارڪن به پھتل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔