آئرش ڪرڪيٽر لورڪن ٽڪر لاهور قلندرز کي جوائن ڪري ورتو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ لاءِ لاهور قلندرز ۾ پرڏيهي رانديگرن جي شموليت جو سلسلو جاري،آئرلينڊ جو وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين لورڪن ٽڪر پاڪستان سپر ليگ جي دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۾ شامل ٿي ويو آهي.لورين ٽڪر کي ويسٽ انڊيز جي شائي هوپ جي جزوي متبادل طور شامل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف لاهور قلندرز به اڄ شام جي سيشن ۾ ٽريننگ ڪندي.واضح رهي ته ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 9 جي شروعات 17 فيبروري تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندي.ايونٽ جي پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن ٻه ڀيرا ٽائيٽل کٽي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔