فراڊ ڪيس ۾ ٽرمپ تي 35 ملين ڊالر ڏنڊ لاڳو

واشنگٽن : اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 350 ملين ڊالر ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.آمريڪي ميڊيا موجب نيويارڪ جي عدالت نيويارڪ سول فراڊ ڪيس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ، سندس وڏن پٽن ۽ ساٿين کي 35 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ٽرمپ تي 3 سالن تائين رياست ۾ ڪاروبار ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.پنهنجي فيصلي ۾، جج آرٿر اينگرون ٽرمپ ۽ ٻن ٻين عملدارن کي ٽن سالن تائين نيويارڪ ۾ ڪنهن به ڪارپوريشن يا اداري جي آفيسر يا ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.عدالت اڳوڻي آمريڪي صدر جي پٽن ايريڪ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جونيئر تي به 2 سالن جي پابندي لڳائي ڇڏي.ڪيس ۾ عدالتي ڪارروائي 3 مهينا هلي، جنهن دوران ٽرمپ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ جج آرٿر اينگرن تي عدالتي ڪمري جي اندر ۽ ٻاهر حملو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔