عمران خان عمر ايوب کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: پي ٽي آءِ باني عمران خان عمر ايوب کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته اسان پوري مشاورت ڪئي. پي ٽي آءِ باني پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب کي وزيراعظم جو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي

هن چيو ته اسان جي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ باني سموري ملڪ ۾ احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪندو. عمران خان مون کي اسائمنٽ ڏنو آهي ته سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪريو، مولانا فضل الرحمان اي اين پي ۽ ٻين پارٽين سان به ڳالهيون ڪيون وينديون.

اسد قيصر چيو ته چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي ٿي، اهڙي ڌانڌلي واري حڪومت کي ڪوبه نه مڃيندو. اسان اسيمبلي ۾ ويهنداسين ۽ قانوني جنگ به وڙهنداسين، هڪ ٻن ڏينهن ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرائينداسين.

ان موقعي تي بيرسٽر سيف ٻڌايو ته عمران خان اسد قيصر جي ڀاءُ عاقب الله کي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔