نوازشريف جي اين اي 15 مانسهره تي چونڊ نتيجو روڪڻ واري درخواست رد

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره ۾ چونڊ نتيجن بابت نوازشريف جي چونڊ عزرداري جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اين اي 15 مانسهره ۾ نوازشريف جي عزرداري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

نوازشريف جو وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو پر ريٽرننگ آفيسر اين اي 15 مانسهره پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

ريٽرننگ آفيسر پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته تڪ جو نتيجو فارم 45 موجب جوڙيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسر جي جواب کان پوءِ ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.

نوازشريف جي وڪيل دير سان پيش ٿيڻ ۽ درخواست رد نه ڪرڻ جي استدعا ڪئي پر اليڪشن ڪميشن نوازشريف جي وڪيل کي ٻيهر درخواست داخل ڪري جي هدايت ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته نوازشريف اين اي 15 مانسهره جو چونڊ نتيجو چيلينج ڪندي مخالف اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي استدعا ڪئي هئي. اي اين 15 مانسهره مان پاڪستان تحريڪ انصاف جو حمايت يافته آزاد اميدوار شهزادو  گستاسپ ڪامياب ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔