عمران خان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان وڃي کيس مبارڪباد ڏيندس: راکي ساونت

متحده عرب امارات:  ڀارتي ٽيليويزن اسٽار راکهي ساونت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي کٽڻ لاءِ دعا ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان آزاد ٿي ويو ته پاڪستان وڃي کيس مبارڪباد ڏيندس.

متحده عرب امارات ۾ راکهي ساونت جو نئون گانو(بي بي ڊرامه ڪوئين) لائونچ ڪيو ويو ان تقريب ۾ راکهي ساونت صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مان عمران خان کي تمام گهڻو پسند ڪريان ٿي.

راکهي  ساونت چيو ته مان ڀارت جي پهرين عورت آهيان جيڪا عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت ڪري رهي آهيان. مان دل سان چاهيان ٿي ته عمران خان جي سوڀ ٿئي ۽ مون کي يقين آهي ته اهو ڪامياب ٿي ويندو.

ڀارتي اداڪاره چيو ته مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي ته عمران خان کي زبردستي قيد ڪيو ويو آهي مان انهي جي آزادي لاءِ دعاگو آهيان جيڪڏهن عمران خان آزاد ٿي ويو ته مان کيس مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ ضرور پاڪستان ويندس. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي ووٽرز کيس ڪاميابي ڏياري ته مان ٻيهر عمرو ڪندس ۽ عمران خان لاءِ دعا گهرندس.

راکهي سانونت پنهنجو نئون گانو بي بي ڊرامه ڪوئين عمران خان جي نالي ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ کي وڌيڪ ووٽ ملڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهن ڊرامو ڪري رکيو آهي. ڀارتي اداڪاره مزاحيه انداز ۾ چيو ته مان پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندس ۽ پاڪستان مان چونڊن ۾ حصو وٺندس.

هن وڌيڪ چيو ته فتح صرف عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٿيندي ڇو ته پاڪستاني عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي ۽ عوام جي طاقت سامهون ڪوبه بيهي نٿو سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔