ڪورونا وائرس هاڻي شايد ڪڏهن ختم نه ٿئي: پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري

ڪراچي: وائيس آف سنڌ جي وفد پاران آءِ سي سي بي ايس، ڪراچي يونيورسٽي جو دورو ڪيو ويو ، دوري دوران وفد ڊائريڪٽر ۽ ناليواري سائنسدان ڊاڪٽر اقبال چوڌري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي ناليواري سائنسي تحقيقي اداري ڪيميائي ۽ بائلاجي جي علمن جي عالمي مرڪز آءِ سي سي بي ايس ڪراچي يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ۽ ناليواري سائنسدان پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري انڪشاف ڪيو ته ڪورونا وائرس شايد ڪڏهن به ختم نه ٿئي ۽ ڏهاڙِي واري بيمارين وانگر اسان سان گڏ رهجي وڃي .هي وائرس هڪ پينڊيمڪ وبا کان تبديل ٿي اينڊيمڪ ٿي سگهي ٿو ۽ ايڊز جهڙي ٻين خطرناڪ بيمارين وانگر دنيا ۾ موجود رهي . اهڙن خيالن جو اظهار هن وائيس آف سنڌ جي وفد سان خاص ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وائيس آف سنڌ جو ڊائريڪٽر نيوز سيد جاذب شميم، چوڌري اساما سعيد ۽ آءِ سي سي بي ايس ڪراچي يونيورسٽي جو ترجمان سيد جعفر عسڪري به موجود هو . ڊاڪٽر اقبال چوڌري وائيس آف سنڌ جي وفد کي آءِ سي سي بي ايس ڪراچي يونيورسٽي ۾ اچڻ تي آڌرڀاءُ ڪئي ۽ انهن کي تحقيقي مرڪز ۾ ٿيندڙ جديد ۽ عالمي سطح جي سرگرمين بابت ڄاڻ ڏني . هن حڪومتي سهڪار تي سنڌ حڪومت ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان جو ادارو حڪومتي سرپرستي حاصل ڪرڻ وارو پهريون تعليمي تحقيقي مرڪز آهي ۽ اسان وٽ ڪورونا وائرس جو سڀ کان وڏو ايمرجنسي سيمپلنگ يونٽ آهي . هن چيو ته ڪورونا وائرس انسان ذات جي لاءِ سبق آهي ته انسان قدرت ۽ قدرت جي ڪمن ۾ هٿ وجهڻ ڇڏي ڏي ، هن چيو ته انسانن جو جانورن سان غير فطري لاڳاپو ۽ انهن جي زندگي ۾ دخل ڏيڻ سان اهي وائرس جنم وٺندا آهن. انسانن کي جانورن جي زندگي ۾ دخل ڏيڻ کان پاسو ڪري انهن کي آزاد ڇڏڻو پوندو ، تڏهن ئي اهڙين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو . ڊاڪٽر اقبال وبائي بيمارين بابت ڳالهائيندي چيو ته 17000 سالن کان اهي وبائي مرض انساني نسل سان جڙيل آهن ۽ نه ٿو چئي سگهجي ته ڪورونا وائرس به ايندڙ هزارين سالن تائين قائم رهي ۽ ويڪسين ٺهڻ کانپوءِ به ماڻهو اهڙي ريت ڪورونا وائرس سبب مرندا رهن . اسان سڀني کي هاڻي ڪورونا وائرس سان گڏ ئي حياتي گهارڻي آهي. هر سال ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي ضرورت پئجي سگهي ٿي . ڪورونا وائرس کانپوءِ صحت جو کاتو صوبائي يا وفاقي نه پر عالمي مسئلو ٿي اڀرندو ، ته هاڻي ڪا به وبا جيڪڏهن پاڪستان جي علائقي هنزه ۾ جنم وٺي ٿي ته ان تي پوري دنيا ڪم ڪرڻ شروع ڪندي . هن پلازما ٿراپي کي ڪورونا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ته هن وقت تائين جي نتيجن مان پلازما ٿراپي جا نتيجا اڌو اڌ آهن جن کي تسلي وارو يا هڪ اثرائتو علاج نه ٿو چئي سگهجي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔