اقتصادي رابطا ڪميٽي جي مزدوررليف فنڊ جي طريقيڪارجي منظوري

اسلام آباد: خزاني جي مشير جي صدارت هيٺ رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اي سي سي مزدور رليف پيڪيج جي طريقيڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اجلاس ۾ طئي ٿيو ته مزدور جي رجسٽريشن صرف احساس مزدور پورٽل ذريعي ڪئي ويندي ۽ مزدورن کي احساس ليبر ڪيٽيگري فور تحت رجسٽرڊ ڪيو ويندو، مزدور ڪيٽيگري فور جي ڪواليفيڪيشن ڪيٽيگري ٿري ذريعي ڪئي ويندي.اقتصادي رابطه ڪميٽي ڪورونا وائرس کان متاثر مزدورن کي 12 هزار روپيا ڏيڻ جي به منظوري ڏني، رقم آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئن ئي صوبن جي مستحقن ۾ ورهائي ويندي.وزيراعظم مزدور پيڪيج لاءِ 200 ارب روپيا مختص ڪيا آهن جنهن مان مزدور رليف پيڪيج لاءِ 75 ارب روپيا جاري ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔