شهبازشريف پنهنجو سافٽ ويئر تبديل ڪري ته بچي ويندو: شيخ رشيد

لاهور: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چوڌري ڀائر ڪڏهن به آلي زمين تي پير نه رکندا آهن، شهباز شريف پنهنجو سافٽ ويئر تبديل ڪري ته بچي ويندو، نه ته لاڪ ڊائون سندس لاءِ لاڪ اپ بڻجي ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو آهي ته عيد کانپوءِ 31 جولاءِ تائين نيب اهڙو ٻهارو ڏيندو جو ٻنهي پاسن کان وڏي پئماني تي گرفتاريون ٿينديون. هن چيو آهي ته پ پ ۽ نواز ليگ وارا نيب جي خوف ۾ ئي قانون ۾ ترميم جون ڳالهيون پيا ڪن پر آئون نيب جي قانون ۾ ترميم جي مخالفت ڪندس. شيخ رشيد چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي فارينزڪ رپورٽ کانپوءِ ڪيس نه ٿيو ته عمران خان ميڊيا توڙي عوام جو مقابلو ڪري نه سگهندو. وفاقي وزير چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايندڙ هفتي ريلوي سرس بحالي جو اعلان ڪري نه ته آن لائن ٽڪيٽن جي مد ۾ عوام کي 23 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻا پوندا. هن چيو آهي ته حڪومت کي ريلوي جي سفر جي اجازت ڏيڻي آهي ته اسان کي سومر يا اڱاري تي آگاهه ڪيو وڃي ڇو ته عيد ويجهو آهي پوءِ شارٽ نوٽيس تي سروس بحال ڪرڻ ممڪن نه هوندو. هن چيو ته هڪ طرف جهاز هلائڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي ته ٻئي طرف ٽرين سروس هلائڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته پوري دنيا ۾ لاڪ ڊائون دوران ٽرين سروس بحال آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔