ملڪ هڪ ئي وقت ٻن وائرسن کي منهن ڏئي رهيو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ هڪ ئي وقت ٻن وائرسز ڪرپشن ۽ ڪورونا کي منهن ڏئي رهيو آهي، عوام جو رت پيئڻ واري وائرس ڪرپشن کي وزيراعظم عمران خان ئي ختم ڪري ڇڏيندو، احتساب بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر نواز ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف جِن ملائڪن کي ڪروڙين رُپين جو کير ڏيندو هو، اُنهن جو پتو پوڻ کانپوءِ هو سيلف آئسوليشن ۾ هليو ويو آهي، عيد به آهي ۽ شهباز شريف خلاف ريفرنس به تيار آهي، شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ جيڪا رقم منتقل ٿيندي هئي، کيس اُن جو جواب ڏيڻو پوندو، شهبزاد اڪبر چيو ته نيب جا قانون شهباز شريف جي ئي دور ۾ بڻايا ويا، شهباز شريف جيڪا ڪرپشن ڪئي اهي ان جا ثبوت ملي چڪا آهن. 3 ڏينهن گذري ويا، شهباز شريف الزامن جو جواب ناهي ڏنو. شهباز شريف پردي مان نه نڪرندو، مريم اورنگزيب ئي جواب ڏي، هن چيو ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، شهباز شريف جي ڪرپشن خلاف اسان نيب کان جاچ جو مطالبو ڪيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔