ڀارتي ڳجهي ايجنسي (را) لاءِ ڪم ڪندڙهڪ ٻيو آفيسر گرفتار

ڪراچي: ڀارتي جي بدنام زمانه ڳجهي ايجنسي(را) جي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪراچي پوليس جي هڪ ٻئي آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب ايف آءِ اي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ ڪراچي ۾ پرڏيهي ڳجهي نيٽ ورڪ جي خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي(را) جي نيٽ ورڪ لاءِ سرگرم اسپيشل برانچ پوليس جي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ذريعن ٻڌايو آهي ته اي ايس آءِ مصور نقوي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي سليپر سيل جو اهم ميمبر آهي. گرفتار جوابدار ڪراچي ايئرپورٽ تي سروينٽس يونٽ ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو هو.ايف آءِ اي اختيارين موجب گرفتار جوابدار 1991ع ۾ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو ۽ محمود صديقي جي هدايت تي جوابدار کي رقم ڏني ويندي هئي. ايف آءِ اي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته جوابدار سال 2008 ۾ را نيٽ ورڪ جي ٽريننگ جي لاءِ انڊيا به وڃي چڪو آهي. جوابدار ائيرپورٽ تي ساٿين جي اچ وڃ لاءِ سهولتڪاري به ڪندو هو.وفاقي جاچ اداري موجب جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث رهيو آهي. گرفتار جوابدار جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس جو هڪ اي ايس آءِ پهريان به هن نيٽ ورڪ جي لاءِ ڪم ڪندي گرفتار ٿي چڪو آهي.ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي 6 مبينه جوابدار اڳ ئي گرفتار ٿي چڪا آهن. گرفتار جوابدارن کان جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔