ڪورونا سبب سنڌ ۾ وڌيڪ 13 مريض فوت ٿي ويا: سنڌ جو وڏو وزير

ڪراچي :سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4467 ٽيسٽ ڪيا ويا، 4467 ٽيسٽن جي نتيجي ۾ 674 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، هن وقت تائين 117860 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 15590 ڪيسز سامهون آيا، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 13 مريض فوت ٿي ويا آهن، فوتين جو انگ 268 ٿي ويو آهي، هن وقت 11518 مريض علاج هيٺ آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته علاج هيٺ مريضن ۾ 10134 گهرن ۾، 832 مرڪزن ۾، 552 اسپتالن ۾، 119 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 32 مريض وينٽيليٽرز تي آهن، سنڌ جي 674 ڪيسز ۾ 490 جو تعلق ڪراچي سان آهي، ايس او پيز ۽ لاڪ ڊائون تي عمل ڪيو وڃي، ماڻهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔