سائفر ڪيس: اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي لاءِ سرڪاري وڪيل مقرر

اسلام آباد: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت گذريل ڏينهن ٿيل سائفر ڪيس جي ٻڌڻي جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي لاءِ اسٽيٽ ڊفينس ڪونسل مقرر ڪيا ويا آهن.

خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن طرفان ڪوبه سينئر وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي. ٻڌڻي ساڍي 12 وڳي شروع ٿي پر ڪوبه سينئر وڪيل پيش نه ٿيو. حڪمنامي موجب حقيقتن ۽ حالاتن کي نظر ۾ رکندي جوابدارن جي وڪيلن کي ڪيترائي موقعا ڏنا ويا. عدالت وٽ هاڻ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل ناهي بچيو ته اسٽيٽ ڊفينس ڪونسل مقرر ڪري.

عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪونسل مقرر ڪرڻ لاءِ اي ميل ذريعي وڪيلن جي فهرست طلب ڪئي وئي آهي جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي آفيس مان خط ذريعي جواب ڏنو ويو آهي. ملڪ عبدالرحمان اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي لاءِ اسٽيٽ ڊفينس ڪونسل جڏهن ته شاهه محمود قريشي جي لاءِ حضرت يونس ايڊووڪيٽ اسٽيٽ ڊفينس ڪونسل مقرر هوندو. اهي ٻئي ڄڻا جوابدارن جي ڪيس  جي نمائندگي ڪندا.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد قابل وڪيلن جا نالا ڏنا آهن جيڪي جوابدارن جي ڪيسن جي نمائندگي ڪندا. گذريل ڏينهن جي حڪم نامي ۾ چيو ويو هو ته ڊفينس ڪونسل 27 جنوري تي گواهن تي جرح ڪندا. اڄ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بابت سائفر ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته وڪيل ٻيهر غير حاضر هئا جنهن تي جج وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جج ابوالحسنات ذوالقرنين وڪيل صفائي کي ٽيون ڀيرو حاضر ٿيڻ جي لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب ان موقعي تي شاهه محمود قريشي اسٽيٽ ڊفينس ڪونسل کان فائيل ڦري ڀت طرف اڇلي ڇڏي جنهن تي جج طرفان شاهه محمود قريشي جي اهڙي رويي تي وارننگ جاري ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔