عمران خان توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ ڪيسز ۾ جيل ٽرائل کي چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ ڪيسز ۾ جيل ٽرائيل کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان توشه خانه ۽ القادر ٽرسٽ نيب ڪيسز ۾ جيل ٽرائيل جي ٻنهي نوٽيفڪيشن جي خلاف درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيون

عدالت سڳوري ۾ داخل ڪيل درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 14 نومبر تي جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. توشه خانه ڪيس ۾ جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن 28 نومبر تي جاري ٿيو. جيل ٽرائيل جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جيل ٽرائيل جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ درخواست جي ٻڌڻي هيٺ رهڻ تائين ٽرائيل ڪورٽ جي ڪارروائي کي روڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ باني طرفان داخل ڪيل درخواستن ۾ نيب چيئرمين ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔