تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ قانوني شڪست کان پوءِ ٻڏتر جو شڪار، اڳواڻن جي هڪ ٻئي مٿان تنقيد

اسلام آباد:  پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ قانوني شڪست کان پوءِ وڌيڪ ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي، پارٽي ۾ مرڪزي قيادت جو بحران آهي جڏهن ته ڌڙا بندي ۽ گروپنگ به عروج تي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت پارٽي ترجمان رئوف حسن کي سازشي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

شير افضل مروت کلي مرڪزي قيادت جي سامهون اچي ويو آهي هڪ وڊيو ۾ هن صدر عارف علوي کي به تنقيد جو نشانو بنايو ۽ صدر عارف علوي جي پٽ کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جي به مخالفت ڪئي.

شير افضل مروت ۽ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري انفارميشن رئوف حسن وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن. گذريل ڏينهن هڪ پروگرام ۾  رئوف حسن شير افضل مروت جي عمران خان سان ملاقات تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن تي شير افضل ٽوئيٽ ۾ کلي رئوف حسن کي تنقيد جو نشانو بنايو.

شير افضل مروت الڳزام لڳائيندي چيو آهي ته رئوف حسن عمران خان جي مخالف صحافين کي ٽڪيٽ ڏياريا. پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ شيراني گروپ الائونس ختم ڪرايو، اها هڪ سازش آهي ۽ هوهميشه پارٽي ۾ ڏار وجهڻ ۾ مصروف رهندو آهي. هن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي  به منهنجي خلاف  ڳالهايو. هن منهنجي عمران خان 13 جنوري جي ملاقات تي به اختلاف ڪيو.

شير افضل چيو ته اها ملاقات عمران خان جي گهر واري، سندس ڀينرن، اعجاز بٽر ۽ نعيم حيدر ايڊووڪيٽ سميت ڪيترن ئي وڪيلن جي موجودگي ۾ ٿي هئي. هن پراڻي شيطان سنڌ جي ڪامياب مهم کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ اها مهم شروع ڪئي آهي. ذريعن موجب شير افضل مروت جي انهي بيان کان پوءِ پي ٽي آءِ ۾ هلچل مچي وئي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن نجي ٽي وي جي هڪ شو ۾ شير افضل مروت جي بيانن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو هو ته شير افضل مروت وٽ پارٽي جو ڪوبه عهدو نه آهي. پارٽي انهي جي ڪنهن به بيان کي فالو نه ڪندي آهي.

رئوف حسن جي اهڙي بيان تي رد عمل ڏيندي شير افضل مروت رئوف حسن کي سازشي قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته پارٽي ترجمان رئوف حسن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي منهنجي خلاف 4 ڀيرا ڳالهايو آهي رئوف حسن سازشي آهي هو اڪثر پارٽي ۾ ڏار وجهڻ ۾ مصروف رهندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔