بيلٽ پيپرز جي ڇپائي شروع ٿي چڪي آهي، چونڊ نشان تبديل ڪرڻ ممڪن نه آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان جي تبديلي جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ڪميشن ريٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته چونڊ نشان تبديل ڪرڻ کان پاسو ڪيو، چونڊ نشان ۾ تبديلي لازمي هجي ته ان جي اڳواٽ اجازت وٺو.  

اليڪشن ڪميشن طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي شروع ٿي چڪي آهي ان لاءِ هاڻ اهو ممڪن نه آهي ته چونڊ نشان تبديل ٿي سگهي.

ياد رهي ته تحريڪ انصاف سميت ڪيترين ئي سياسي پارٽين جي اميدوارن اليڪشن ڪميشن طرفان ڏنل چونڊ نشانن تي  اعتراض اٿاريا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔