بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان: صارفين تي 49 ارب روپين جو اضافي بار پوندو

اسلام آباد: بجلي في يونٽ 5 روپيه 62 پئسا مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن جي منظوري جي صورت ۾ صارفين تي 49 ارب کان وڌيڪ جو بار پوندو.

سي پي پي اي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا کي درخواست ڏئي ڇڏي جنهن تي اٿارٽي 31 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي

سي پي پي اي طرفان اضافو ڊسمبر جي ايف سي اي جي مد ۾ گهريو ويو. درخواست موجب ڊسمبر ۾ 7 ارب 41 ڪروڙ 80 لک يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.

ان کان اڳ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ نيپرا سي پي پي اي جي درخواست تي بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 4 روپيه 12 پئسن جو اضافو ڪيو هو. بجلي جي قيمتن ۾ اضافو نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهريو ويو هو. سي پي پي اي طرفان فيول پرائس جي مد ۾ 4 روپيه 66 پئسن جو اضافو گهريو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔