زمبابوي حڪومت 100 کرب ڊالرز جو نوٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: هي جيڪو نوٽ اوهان ڏسي رهيا آهيو اهو دنيا جو سڀ کان وڏو نوٽ آهي. پاڪستان ۾ پنجن هزارن جو نوٽ آهي يا ايران ۾ ان کان وڏو نوٽ آهي پر هي زمبابوي جو 10 ٽريلين آمريڪي ڊالر يعنيٰ 100 کرب زمبابوي جي ڊالرز جو هڪ نوٽ آهي

اصل ۾ هي نوٽ 2008 ۾ بينڪ آف زمبابوي جاري ڪيو هو ڇو ته زمبابوي ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه ضابطي کان نڪري چڪو هو ۽ مقامي ڪرنسي جو ملهه ايترو لهي ويو هو جو ماڻهو لوڻ وٺڻ لاءِ به نوٽن جون ٻوريون ڀري ويندا هئا

پوءِ بينڪ فيصلو ڪيو ته وڏا نوٽ جاري ڪجن. اهو نوٽ اسان جي پاڪستاني 100 رپين برابر هو پر بعد ۾ 2009 ۾ ان کي بند ڪيو ويو هو. هاڻي اهو هڪ ناياب نوٽ آهي ۽ جيڪي به نوٽ آهن انهن کي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيو ويندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔