سنڌ ۾ ڪرسچن ميريج ايڪٽ تحت پهرين سزا

سنڌ ۾ ڪرسچن ميريج ايڪٽ تحت پهرين سزا ٻڌائي وئي آهي، ڪراچي جي عدالت ٻي شادي ڪرڻ تي مسيحي نوجوان کي 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 25 هزار روپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي

ڪراچي جي جڊيشل ماجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ فريادي ڌر جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدار جوشوا الياس ڏيڍ سال اڳ اسٽر نالي ناريءَ سان شادي ڪئي هئي

درخواستگذار موجب جوابدار پنهنجي گهرواري کي دبئي اماڻي پٺيان ٻي شادي ڪري ڇڏي، پاڪستان ڪرسچن ميريج ايڪٽ تحت ٻي شادي ڪرڻ ڏوهه آهي

 عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد نوجوان جوشوا الياس کي 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 25 هزار ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 2 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔