سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڀاڻيجي پ پ ڇڏي (ن) ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

خيرپور: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڀاڻيجي سيد شهزاد شاهه جيلاني مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب سيد شهزاد شاهه نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ نواز ليگ جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

ڪراچي ۾ بشير ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد شهزاد شاهه چيو ته هو خيرپور ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) کي مضبوط ڪندو. ملڪي بحرانن کي رڳو نوازشريف ئي حل ڪڍي سگهي ٿو.

ان موقعي تي نوازليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي هن وقت سنڌ جي صورتحال رحم جوڳي آهي. سنڌ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ اسان سمورين ڌرين وٽ وينداسين.

ياد رهي ته سيد شهزاد شاهه اڳوڻي وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه جيلاني جو پٽ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد جاويد علي شاهه جيلاني جو ڀائيٽيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔