بلاول دهشتگردي جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي پاليسين جي ڪري پاڪستان اڄ ٻيهر دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ماضيءَ ۾ دهشتگردن کي جيلن مان ڪڍي آزاد ڪيو ويو، جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي سنگين وارداتن ۾ ملوث هئا انهن کي افغانستان مان واپس گهرايو ويو

نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران بلاول چيو ته ماضيءَ جي انهن پاليسين جي ڪري عوام کي اڄ ٻيهر قربانيون ڏيڻيون ٿيون پون، جيڪي ان فيصلي ۾ شامل هئا انهن کان پڇڻ گهرجي ته هنن جو ارادو ڇا هو؟

هن چيو ته ڀارتي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ عالمي معاهدن کي ٻيهر نه ٿيون لکي سگهن، ڀارت عالمي قانونن کي نه ٿو مڃي، عالمي برادري ڀارت جو اهڙو رويو ڪيستائين برداشت ڪندي؟

بلاول چيوته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهيون جو هن شهيد ذوالفقار ڀٽو جو ريفرنس ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو، بلاول چيو ته گهرو وزارت جي آفيس ۾ شهيدن جي ديوار قائم ڪرڻ سٺو قدم آهي

بلاول ڀٽو زرداري گهرو وزارت جي آفيس جو دورو ڪري شهيدن جي ديوار تي شهيد بينظير ڀٽو جون تصويرون لڳايون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔