پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف حتمي فيصلي کان روڪي ڇڏيو

پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ نئين انٽرا پارٽي چونڊن تي اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جي خلاف حتمي فيصلي کان روڪي ڇڏيو آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عتيق شاهه ۽ جسٽس شڪيل احمد تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيس خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران قاضي انور ايڊووڪيٽ عدالت ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊن جي خلاف ڪيس نٿو ٻڌي سگهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان واپس وٺي سگهي ٿو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيئن اندازو لڳائي سگهو ٿا؟ جنهن تي قاضي انوار جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي اختيارن جو مٿانهون استعمال ڪري رهيو آهي

پي ٽي آءِ جي  نئين چونڊيل چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته 175 سياسي پارٽيون آهن، اڃان تائين ڪنهن به انٽرا پارٽي چونڊون چيلينج نه ڪيون آهن جنهن پارٽي چونڊون چيلينج ڪيون اها پارٽي جو حصو ئي نه آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيس اماڻيو ويو ته جيڪڏهن پيش نه ٿيندو ته غير موجودگي  ۾ ڪيس ٻڌو  ويندو. ڪميشن تي اسان کي خدشا آهن. پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ به صرف اسان جو ڪيس ٻڌو ويو. اليڪشن ڪميشن جو اماڻيل نوٽيس غيرقانوني آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو مطلب آهي ته قانون ۾ انٽرا پارٽي چونڊون چيلينج ڪرڻ جو ڪوبه سيڪشن نه آهي؟ جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ انٽرا پارٽي چونڊن تي اليڪشن ڪميشن کي پي ٽي آءِ جي خلاف فيصلو ڪرڻ کان روڪيندي 7 ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت اليڪشن ڪميشن کي داخل ڪيل درخواست سان گڏ وائس ڪمنٽس به جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته پي ٽي آءِ 70 سيڪڙو عوام جي نمائندگي ڪندي آهي. پي ٽي آءِ ڪڏهن به چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي تڪڙا ايڪشن کڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪيس داخل نه ڪريون ها ته اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان تبديل ڪري ها جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن 12 تاريخون ڏنيون ۽ ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو اسان کي عدليه کان بهتر اميدن جي موٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔