ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 15 ڪروڙ 55 لک ڊالر فنڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 15 ڪروڙ 55 لک ڊالر فنڊ جي منظوري  ڏئي ڇڏي آهي.

ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب رقم سان عورتن جي لاءِ اصلاحات جو پروگرام شروع ٿيندو عورتن کي مائيڪرو، اسمال ۽ ميڊيم انٽر پرائزز جي لاءِ قرض آساني سان ملي سگهندو.

پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فنانسنگ جي رقم ۾ 10 ڪروڙ ڊالر پاليسي جو قرض آهي ۽ ساڳئي پروگرام ۾ 55 لک ڊالر جي گرانٽ شامل آهي جڏهن ته 5 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيندڙ ادارن کي ڏنا ويندا. پروگرام سان 20 لک عورتن کي فائدو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔