پاڪستان والاريل ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  پاڪستان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي غير آئيني قدم تي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حق خود اراديت حاصل آهي. عالمي قانون 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي نٿو مڃي.

والاريل ڪشمير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي. جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت تائين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. واريل ڪشمير جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪيو  وڃي.

ڀارت کي  ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي خلاف انهي تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. پاڪستان جمون، ڪشمير تي ڀارتي آئين جي بالادستي کي نٿو مڃي جيڪڏهن  ڪوبه عمل جيڪو ڀارتي آئين جي تابع آهي ان جي ڪابه قانوني اهميت نه آهي.

ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلي جي بهاني پنهنجي عالمي ذميوارين کان هٿ نٿو کڻي سگهي. 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي عدالتي حمايت قانوني دليلن تي ٻڌل انصاف جي ڀڃڪڙي آهي.  رياست جي بحالي، رياستي اسيمبلي جي چونڊن کي منعقد ڪرڻ يا ساڳئي طرح جي قدمن ڪشميري عوام کي حق ڏيڻ جي متبادل نٿو بڻجي سگهي اهو فيصلو والاريل جمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم ڀڃڪڙين سان عالمي برادري جو ڌيان نٿو هٽائي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔