سائنسدانن دماغ کي تيز ڪرڻ جو طريقو ڳولي ورتو

ماسڪو : روسي سائنسدانن وڏي ڪاميابي ماڻيندي انساني دماغ کي تيز ڪرڻ جو طريقو ڳولي ورتو آهي.
سائنسدانن دماغ جي انهن خانن کي جتي تصويرون بڻبيون آهن کي سرگرم ڪري انساني رد عمل کي تيز ڪرڻ جو هڪ طريقو ايجاد ڪيو آهي. محققن موجب ان طريقي کي اپنائي دماغ جي ڌڪ مان صحتياب ٿيڻ ۾ به مدد ملي سگھي ٿي.
ان کانسواءِ ڊرائيورن ۽ پائلٽس جي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ به اهو طريقو ڪم جو ثابت ٿي سگھي ٿو.
ان پروجيڪٽ کي ٻن روسي يونيورسٽين جي ٽيمن گڏيل طور تي تيار ڪيو. ان تجربي جا نتيجا هن سال شروعات ۾ سينسر جنرل ۾ ڇپيا هئا.
سائنسدانن موجب اهو ٽرانسڪرينيل مقناطيسي محرڪ جو طريقو فالج، انسيفلائٽس ۽ دماغي فالج کان پوءِ بحالي سان گڏوگڏ طبي ڊپريشن جي علاج ۾ به استعمال ٿيندو آهي.
مريض جي مٿي تي هڪ ڊوائيس لڳائي اهو طريقيڪار انجام ڏنو ويندو آهي، جيڪو تبديل ٿيندڙ مقناطيسي چارج بڻائيندو آهي ۽ دماغ جي مخصوص حصن ۾ نيورل نيٽورڪس کي متحرڪ ڪندو آهي جنهن سان دماغ تيز ٿي ويندو آهي.
سائنسدانن 60 رضاڪارن تي اهو تجربو ڪيو جنهن مان خبر پئي ته دماغ جو اهو حصو عام طور تي ان وقت متحرڪ ٿيندو آهي جڏهن ڪو شخص مخصوص حرڪتن جي منصوبابندي ڪري رهيو هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔