آءِ سي سي وومينز پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين ۾ پاڪستاني رانديگرياڻي به شامل

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نومبر لاءِ مينز ۽ وومينز پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي مينز پليئر آف دي منٿ لاءِ ٻه آسٽريلوي رانديگر نامزد ڪيا ويا آهن، جن ۾ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪندڙ ٽريوس هيڊ ۽ افغانستان خلاف شاندار ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ ميڪسويل شامل آهن، جڏهن ته ڀارت جو محمد شامي به نومبر جي بهترين پليئرز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
عورت رانديگرياڻين ۾ پاڪستان جي سعديه اقبال، بنگلاديش جي ناهيده اختر ۽ فرزانه حق به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔