آرمي چيف آمريڪا جي دوري تي روانو، اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ٻين اختيارين سان ملاقاتون ڪندو

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل عاصم منير آمريڪا جي دوري تي روانو ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سرڪاري دوري تي آمريڪا روانو ٿيو ۽ آرمي چيف طور اهو سندس پهريون آمريڪي دورو آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف آمريڪا جي دوري ۾ اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ ٻين سرڪاري اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔