سپريم جوديشل ڪائونسل ۾ شڪايت: جسٽس مظاهر رجسٽرار جي نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

جسٽس مظاهر نقوي جواب جي ڪاپي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني ڪميٽي ڏانهن به اماڻي ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مون 2 آئنيي درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري رکيون آهن. منهنجي درخواستن تي اڃان تائين نمبر نه لڳايو ويو، اهي آئيني درخواسون 3 رڪني ڪميٽي جي سامهون رکيون وينديون ۽ منهنجي ٻنهي آئيني درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو

جسٽس مظاهر درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته منهنجي خلاف جاري شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي. ياد رهي ته جسٽس مظاهر نقوي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت جي معاملي تي ڪائونسل طرفان جاري شوڪاز نوٽيس کي سپريم ڪورٽ ۾ به چيلينج ڪري رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔