اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ رقم رليز نه ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ناڻي وارو سيڪريٽري طلب

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن فيبروري 2024 ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ فنڊز رليز نه ڪرڻ تي ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن بجيٽ ۾ عام چونڊن لاءِ رکيل رقم رليز نه ڪرڻ جي معاملي جو نوٽيس وٺندي ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي. هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عام چونڊن جي لاءِ 42 ارب روپيه رکيا ويا هئا

ذريعن ٻڌايو آهي ته ناڻي واري وزارت هينئر تائين 10 ارب روپيه اليڪشن ڪميشن کي ڏنا آهن بقايا رقم جي فراهمي ڪوبه جواز نه ٻڌائيندي معطلي جو شڪار آهي.

ذريعن موجب 8 فيبروري 2024 جي جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي فوري طور تي 17 ارب روپين جي ضرورت آهي.

ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا رقم جي فراهمي بابت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي به آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم کي اڄ تفصيلي خط لکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔