نگران حڪومت جا سمورا معاملا پيپلز پارٽي جا اڳوڻا وزير هلائي رهيا آهن: ايم ڪيو ايم اڳواڻ

ڪراچي:ايم ڪيو ايم جي ڪرنل خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪا به نگران حڪومت ناهي، سنڌ جي نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي اثر هيٺ آهي.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪراچي ۾ تڪبندين بابت خدشن کي اليڪشن ڪميشن آڏو اٿاريو ويو.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي جا سمورا اعتراض اليڪشن ڪميشن منظور ڪيا آهن، پيپلز پارٽي 15 سالن کان سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي، سول ادارن تي به قبضا آهن. اسان جو هڪ به اعتراض نه ٻڌو ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جا سمورا اعتراض منظور ڪيا ويا آهن.

فاروق ستار چيو ته پ پ جو پئسو پاڻي وانگر وهي رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو اهو اليڪشن ڪميشن تائين پهچي ويو هجي، سکر جو شهري علائقو ٽوڙيو ويو آهي ۽ ٻهراڙين ۾ ٻه حصا شامل ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي پر اڳوڻو وزير سنڌ ۾ حڪومتي ادارن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔