جسٽس مظاهر نقوي جوڊيشل ڪونسل جي ٻنهي شوڪاز نوٽيس کي چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: جسٽس مظاهر نقوي جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ڪارروائي جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.

جسٽس مظاهر نقوي جوڊيشل ڪونسل طرفان جاري ڪيل ٻنهي شوڪاز نوٽيسز کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس مظاهر نقوي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ وفاق کي گهرو وزارت ذريعي ڌر بنائيندي استدعا ڪئي ته منهنجي خلاف شڪايت کي کليل عدالت ۾ ٻڌو وڃي.

ياد رهي ته جوڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر نقوي کي 2 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن جوڊيشل ڪونسل ۾ جسٽس مظاهر نقوي جي خلاف 10 شڪايتون ٻڌڻي هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔