لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي جي مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي

لاهور: بشريٰ بي بي ۽ لطيف کوسا جي مبينا آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ لطيف کوسو ۽ بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ  چيئرمين جي ڀينرن سان اختلافن جو کليل طريقي سان اظهار ڪري رهيا آهن.

آڊيو ۾ بشريٰ بي بي کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته اتي اسان جي لاءِ مسئلو پيدا ٿي ويو ڇو ته ان جون ڀينرون به اسان سان گڏ هيون. اسان جي پاڻ ۾ ڪافي ڇڪتاڻ ٿي وئي هئي. جنهن تي لطيف کوسا چوي ٿو ته صحيح آهي

بشريٰ بي بي آڊيو ۾ چئي رهي آهي ته اتي ڪافي وڏو مسئلو پيدا ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ مون مناسب نه سمجهو ته مان پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن سان  وڌيڪ ڳالهايان. مون خان صاحب کي چئي ڇڏيو ته منهنجا سمورا ڪيس هاڻ اهو ئي ڏسندو ۽ اوهان جا به جيترا هوندا جيڪي مان سمجهندس هاڻ اهي ليٽ ٿي رهيا آهن ته مان ان کي ئي ڏيندس.

لطيف کوسو بشريٰ بي بي کي چوي ٿو ته ٺيڪ آهي جنهن کان پوءِ بشريٰ بي بي چيو ته انهن مون سان ڪافي بدتميزي ڪئي آهي. مان سوچي به نٿي سگهان ته انهن ۾ ايتري همت ڪٿان کان آئي. بشريٰ بي بي پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته هي ڪير ٿينديون آهن پڇڻ واريون؟ هي چون ٿيون ته اسان پڇڻ ويون هيوسين ته اوهان زهر واري لائين ڇو لکي آهي؟ هو جهڙي طريقي سان ڳالهائي رهيون هيون مون کين منع ڪيو ته اوهان اهڙي طريقي سان نه ڳالهايو. هنن وڌيڪ تيز ٿي ڳالهايو ته مون خان صاحب کي چيو ته هاڻ گهڻو ٿي ويو منهنجو وڪيل اهوئي آهي جنهن کان پوءِ مان اٿي واپس هلي آيس.

لطيف کوسو جواب ۾ چوي ٿو ته خبر نه آهي هنن کي مون مان ڪهڙو مسئلو آهي؟  مان بدتميزي ڪرڻ وارو ئي نه آهيان. مان هنن کي اهو ضرور چيو هو ته اوهان ضد نه ڪريو، جهڙي طرح مان مناسب سمجهندس مون کي اهو ڪرڻ ڏيو. جنهن تي انهن چيو ته اسان سان بدتميزي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔