توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس: گهرو وزارت عمران خان کي پيش نه ڪرڻ جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد: توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ گهرو وزارت عمران خان کي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ڪرڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري کي پيش نه ڪيو ويو. ان حوالي سان گهرو وزارت پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران ڪميشن جي ميمبر نثار دراني چيو ته گهرو وزارت موجب حالتون اهڙيون نه آهن جو پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪري سگهجي پر جيل جي اندر ٽرائيل ڪري سگهجي ٿو

اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ اسد عمر، شعيب شاهين ۽ فيصل چوڌري پيش ٿيا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري کي پيش نه ڪيو ويو

عمران خان جي وڪيل شعيب شاهين گهرو وزارت کي رپورٽ جي ڪاپي ڏين جي استدعا ڪئي ۽ چيو ته ڪيس جي باري ۾ تاثر سٺو نه ويندو جنهن تي ڪميشن جي سربراهه نثار دراني رپورٽ جي ڪاپي ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تاثر جون ڳالهيون ڇڏي ڏيو، اسان قانون موجب ڪم ڪنداسين. اوهان ڪيس کي اڳيان وڌائڻ به چاهيو ٿا ۽ تعاون به نٿا ڪريون.

شعيب شاهين ڄاڻي واڻي پيش نه ڪرڻ جو موقف اپنايو ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبر شاهه محمد جتوئي چيو پهريان اوهان به ڄاڻي واڻي پيش نه ڪري رهيا هو. سوال اهو آهي ته اسان ان کي هتي پيش ڪرڻ جو رسڪ ڇو کڻون؟

ٻڌڻي دوران فيصل چوڌري فواد چوڌري جي اڊيالا جيل ۾ موجودگي جو ٻڌايو. اسد عمر چيو ته مان ته سڀني کان وڌيڪ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو آهيان ۽ هاڻ ته سياست به ڇڏي چڪو آهيان جنهن تي ڪميشن جي ميمبر چيو ته اوهان ڀلي سياست ڪريو؟ ان تي اسد عمر چيو ته اوهان جي مهرباني پر هاڻ مان سياست ڇڏي چڪو آهيان. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔