عورت غلطي سان ٽپ ۾ 20 لک رپيا ڏئي ڇڏيا

غلطيون انسان کان ئي ٿينديون آهن پر آمريڪي عورت ته حد ئي ڪري ڇڏي، هن ريسٽورنٽ وارن کي ٽپ جي مد ۾ غلطي سان اٽڪل 20 لک رپين جي رقم ڏئي ڇڏي.
ويرا ڪونر نالي عورت ”سب وي“ تان سينڊوچ آرڊر ڪيو هو، جڏهن هوءَ ان جي ادائيگي ڪرڻ لڳي ته حادثاتي طور تي 7 هزار ڊالر (19 لک پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جي ڊپ ڏئي ڇڏيائين.
هن ميڊيا کي ٻڌايو ته 23 آڪٽوبر تي مقامي سب وي کي سينڊوچ آرڊر ڏنو هو، جنهن جي قيمت 7.54 ڊالر هئي پر هن بي خيالي ۾ 71055.44 ڊالرن جي ڊپ ڏئي ڇڏي.
ويرا ڪونر اها رقم بئنڪ آف آمريڪا جي ڪريڊٽ ڪارڊ مان ادا ڪئي، هن ٻڌايو ته بل ادا ڪندي غلطي سان پنهنجي فون جا آخري 6 نمبر لڳائي ڇڏيا، ڇو ته کيس لڳو ته سب وي جي ”لائلٽي“ پوائنٽس خريدي رهي آهي.
عورت چيو ته ان دوران اسڪرين ضرور تبديل ٿي هوندي ۽ ان نمبر کي ٽپ ۾ تبديل ڪيو ويو هوندو.
هن بئنڪ آف آمريڪا تي پئسا وٺڻ جو الزام به هنيو پر بئنڪ ان کي رد ڪري ڇڏيو.
آمريڪي عورت جڏهن سب وي جي برانچ وئي ته مئنيجر ٻڌايو اهو مسئلو بئنڪ ئي حل ڪري سگهي ٿي، ڇو ته سب تي وڏي رقم ڏيڻ شڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔