افغانستان مان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ اڏامن لاءِ اهم هدايتون جاري

ڪراچي : افغانستان مان پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندڙ اڏامن لاءِ نيون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
هاڻ افغانستان مان پاڪستان جي حدن ۾ ايندڙ جهازن کي نين هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستاني حدن ۾ داخلا کان 15 منٽ اڳ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي آگاهي ڏيڻي پوندي.
ان حوالي سان پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان داخلا لاءِ فريڪوئنسي به جاري ڪئي وئي آهي.
سي اي اي ٻڌايو ته ڪابل ۾ اڃا تائين ايئر ٽريفڪ سروس معطل آهي، جاري فريڪوئنسي ذريعي داخل اڏامن کي رهنمائي فراهم ڪئي ويندي.
اختيارين وڌيڪ چيو ته افغانستان ويندڙ اڏامون پنهنجي رسڪ تي وڃي سگهن ٿيون، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي نوٽيس جاري ڪري سڀني ائير لائنز کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔