ڪجهه ماڻهو وزيراعظم يا صدر ٿيڻ لاءِ عوام سان ڪوڙ ڳالهائين ٿا: نواز شريف

نون ليگ جي قائد نواز شريف چيو آهي ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي وزيراعظم کي فارغ ڪري دنيا ۾ انصاف جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو، مون کي فارغ ڪرڻ ۽ مريم نواز کي جيل اماڻڻ جو واحد مقصد پي ٽي آءِ چيئرمين کي اقتدار ۾ آڻڻ هو

 نون ليگ جي قائد نواز شريف مري ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٿر ڪول منصوبي جو بنياد اسان وڌو، ڪجهه ماڻهو وزيراعظم يا صدر ٿيڻ لاءِ عوام سان ڪوڙ ڳالهائين ٿا

هن چيو ته مان ووٽن لاءِ ڪوڙ ڳالهائي ويساهه گهاتي ڪندڙن مان نه آهيان،  وزيراعظم هيس ته ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو هو، سڀني کي خبر آهي ته ملڪ ڪنهن تباهه ڪيو

مريم نواز چيو ته نواز شريف جي ملڪ کان ٻاهر هئڻ سبب ملڪ ۾ مهانگائي ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔