اورنگي ٽائون واقعي ۾ ملوث ڊي ايس پي کي سخت سزا ڏيارينداسين: حارث نواز

ڪراچي: سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگڊيئر(ر) حارث نواز چيو آهي ته اورنگي ٽائون واقعي ۾ ملوث ڊي ايس پي سخت سزا ڏيارينداسين.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي صوبائي گهرو وزير بريگڊيئر(ر) حارث نواز چيو ته انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي کي اهڙي طرح جون  ذميواريون نه گهرجن. اسان واقعي تي فوري طور تي ڪارروائي ڪئي. ڊي ايس پي کي گرفتار ڪيو ويو آهي  ۽ ايف آءِ آر به ڪٽي وئي آهي. سخت سزا ڏيارينداسين

سنڌ جي نگران گهرو وزير چيو ته ايس ايس پي جي غلطي آهي آءِ جي پوليس کيس معطل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي جي خلاف به ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بريگڊيئر(ر) حارث نواز چيو ته پوليس جي قيادت سٺي آهي ۽ مان ان مان مطمئن آهيان. نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهه نه ٿيا آهن.

صوبائي گهرو وزير چيو ته پوليس جي سپاهي جي پگهار 60 کان 70 هزار روپيه آهي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي  خدمت لاءِ آهن. ياد رهي ته واپاري منصور شيخ الزام لڳايو هو ته 24 آڪٽوبر جي رات گلشن اقبال 13 ڊي ۾ ڊي ايس پي عمير طارق واردات ڪئي. ڊي ايس پي عمير طارق منهنجي گرفتاري لاءِ گلشن اقبال 13 ڊي ۾ ڇاپو هنيو ۽ جڏهن مان نه مليس ته منهنجي ڀاڻيجي جي اکين تي پٽي ٻڌي گلزار هجري ۾ منهنجي گهر آندو ويو.

هن ٻڌايو ته 2 ڪلاڪن جي تلاشي دوران جوابدار گهر ۾ 2 ڪروڙ روپيه ڳوليندا رهيا گهر جو لاڪر ٽوڙي ڏيڍ لک روپيه، پرائز بانڊ، گهڙيون، پستول ۽ موبائيل فون کڻي ويا. گذريل ڏينهن گرفتار ڊي  ايس پي عمير طارق باجاري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو جتان کان سندس هڪ ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔