سائفر ڪيس: جيل ٽرائل ختم، جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پهرين ٻڌڻي، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي عدالت طلب

اسلام آباد: آفيشل سيڪريٽ جي عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ شاهه محمود جو وڪيل علي بخاري ۽ خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان  سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائيل ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ اها ڪيس جي پهرين ٻڌڻي هئي. ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت پڇيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي ڪٿي آهي؟ ان تي عدالتي عملي سائفر ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڪاپي جج کي ڏني.

ٻڌڻي دوران جج ابوالحسنات ذوالقرنين وڪيل علي بخاري کان پڇاڻو ڪيو ته بخاري صاحب اوهان جي لاءِ وڏي ڪاميابي ٿي آهي ان تي علي بخاري چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان اهو چئي رهيا هئاسين.  جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي 28 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي جيل ٽرائيل خلاف عمران خان جي انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي ٽرائيل ڪالعدم قرار ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔