انساني امداد کي پهچائڻ لاءِ غزه ۾ جنگبندي جو بيچيني سان انتظار آهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته انساني امداد جي پهچ کي ممڪن بنائڻ لاءِ پاڪستان غزه ۾ جنگبندي جو  بيچيني سان انتظار ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته امن صرف ڳالهين سان ممڪن آهي. غزه ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ٻار شهيد ٿيا جيڪي غزه جي آبادي جو 40 سيڪڙو آهن

هن چيو ته هلندڙ هفتي دوران ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. غزه ٻارن جي لاءِ سڀني کان ڏکي جڳهه بڻجي چڪي آهي. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي پاڪستان ڊينمارڪ، فن لينڊ ۽ سوئيڊن سان سياسي مشاورت ڪري رهيو آهي

ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڊينمارڪ سان سياسي مشاورت 21 آڪٽوبر تي منعقد ٿي. سوئيڊن سان سياسي مشاورت اڄ منعقد ٿي رهي آهي. جڏهن ته فن لينڊ سان مشاورت سڀاڻي ٿيندي.

ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي متحده عرب امارات ۾ ڪاپ 28 ۾ شرڪت ڪري موسمياتي تبديلي تي پاڪستاني تصور پيش ڪندو. ممتاز زهره چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي مقرري ٻارن جي لاءِ صدمو آهي.

ترجمان چيو ته تصديق ڪريان ٿي ته پاڪستان باضابطه  طور تي شموليت جي درخواست ڏني آهي. پاڪستان اهو فيصلو جوهانسبرگ ۾  برڪس بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو. اميد ڪريون ٿا ته برڪس طرفان اسان جي درخواست تي عمل ڪيو ويندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ يو اي اي جي دوري دوران ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم پهرين ڊسمبر تي يو اي اي ۾ ورلڊ ڪلائمنٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔