شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جا ايم پي او آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جا ايم پي او آرڊرز ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ جي اختيار تي به  دليل مڪمل ڪيا ويا

درخواستگذار جو وڪيل شير افضل مروت پيش نه ٿيو جنهن تي کيس لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي اختيارن بابت عدالت 2 عدالتي مددگار مقرر ڪيا هئا. ٻنهي عدالتي مددگارن بيرسٽر صلاح الدين ۽ وقار رانا عدالت ۾ دليل ڏئي چڪا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي خلاف ايم پي او آرڊر معطل ڪري رکيو آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي وڌيڪ ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ کان به روڪي رکيو آهي. هاڻ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جا ايم پي او آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔